عثمان عباسي مخدوم

عثمان عباسي، مخدوم: مخدوم ميون عثمان عباسي ارڙهين عيسوي صدي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. جنهن جي نالي ‘ميين عثمان جا قبا’ لاڏيون شهر کان ڏکڻ طرف موجود آهن. جتي ڪل ٽي قبا آهن، جيڪي مخدوم ميين عثمان، ميين محمد صديق ۽ ميين محمد ابراهيم جا آهن. قبن سان گڏ هڪ مسجد پڻ آهي، جيڪا ميان پيرداد 1293هه/ 1876ع ۾ جوڙائي. ميين عثمان جو شجرو حضرت عماره بن عبدالله بن عباس سان ملي ٿو. هن خاندان جا وڏا گهڻو عرصو بلوچستان ۾ رهيا، جتان هن خاندان جو وڏو ميان قرن سنڌ ۾ آيو. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ‘رهاڻ هيرن کاڻ’ ڀاڱي ٻئي ۾ مقامي روايت جي بنياد تي لکي ٿو ته “نواب جهان خان (لغاري جنهن جي نالي سان تعلقي جاتي ۾ ڇڇ جهان خان آهي). مخدوم ميين عثمان جو مريد ٿي کيس وٺي آيو ۽ پنهنجي سڄي زمين مخدوم جي نالي ڪري، پاڻ فقيراڻي زندگي گذارڻ لڳو، ميان قرن کي ٻه پٽ شيخ المشائخ ميان ابراهيم ۽ ميان اسماعيل ٿيا. ميان ابراهيم زهد ۽ عبادت ۾ گهڻو مشهور ٿيو. مخدوم ابراهيم کي ٻه پٽ مخدوم عثمان ۽ مخدوم احمد ٿيا، جن مان خلافت وڏي پٽ مخدوم ميين عثمان کي ملي، جنهن جي نالي سان قبا سڏجن ٿا.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو